غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي

غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي: خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي ولد غلام محمد خان 7 جنوري 1913ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڊينگاڻ ڀرگڙي تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾ ورتائين. بعد ۾ حيدرآباد جي نؤ ودياليه هاءِ اسڪول ۾ اچي انگريزي پڙهڻ ويٺو. سندس والد 1924ع ۾ انتقال ڪيو. هن کي ديرادون پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جتي 1931ع ۾ سينئير ڪيمبرج جو امتحان ڏنائين. مارچ 1931ع ۾ ڀڳت سنگهه ۽ دت کي ڦاسي اچڻ وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي. ان ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو. 1937ع ڌاري خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ کيس ” امير جانبازان هند“ جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ ۾ هو ڪيترائي سال ڪم ڪندو رهيو. يو پيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ سبب جيل به ويو. 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1946ع ۾ پهرين اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيهر چونڊون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن جھڙوڪ پيپلز پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، هاري پارٽي ۽ عوامي ليگ گڏجي متحده محاذ قائم ڪري اميدوار بيهاريا. انهن اميدوارن مان ست اميدوار چونڊجي آيا جن ۾ غلام مصطفيٰ به شامل هو. هو ان اتحاد جو ڊپٽي ليڊر هو. جڏهن 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته ان ٺهراءُ جي مخالفت ۾ جن چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، تن مان هڪ رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي به هو. 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ به رئيس صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ” سنڌ متحده محاذ پارٽي“ مخالفت ۾ هئي ۽ رئيس صاحب ان پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ سنڌ بلوچستان ۽ فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس ڪٺي ٿي. جنهن ۾ ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺهيو، جنهن جو رئيس صاحب خزانچي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ مغربي پاڪستان جي ٽن مکيه جماعتن (1) سنڌ متحده محاذ، (2) آزاد پاڪستان پارٽي ۽ (3) سرخ پوش جماعتن گڏجي ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ قائم ڪئي، جنهن جو رئيس صاحب مکيه ميمبر رهيو. ٿوري وقت بعد ”پاڪستان نيشنل پارٽي“ ۽ عوامي ليگ گڏجي ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، ”پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي“ ٺاهي. ان ڪنوينشن ۾ رئيس صاحب شرڪت ڪئي ۽ ان جماعت جو مکيه ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. رئيس صاحب حقيقت شناس، دور انديش، چٽو سياسي شعور رکندڙ باهمت قومي ڪارڪن هو. لکين رپيا پنهنجي ذاتي ضرورتن لاءِ هوندي به بنهه درويشانه ۽ سادي زندگي گذاريندو هو. هميشه ترڪي ٽوپي پائيندو هو ۽ خوش طبع ۽ خوش مزاج حد درجي جو هو، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. رئيس صاحب کي ٻه فرزند آهن. (2) رئيس عبدالقيوم ۽ (2) رئيس عبدالقادر.


لفظ غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو